ظاهري طور تي مفت سروسز فراهم ڪندڙ گوگل ميپس هلندڙ سال 13 ارب ڊالر ڪمايا آهن، پر ڇا اوهان ڪڏهن سوچيوآهي ته گوگل ميپس ايترو پئسو ڪيئن ڪمايو؟
واهپيدارن جي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته گوگل ميپس ۽ ان جون سموريون سهولتون، ڀلي اُهو سيٽلائيٽ ويو هجي، اسٽريٽ ويو هجي يا ريئل ٽائيم ٽريفڪ. سڀ استعمال ڪرڻ مفت آهن.
پر، ان جي باوجود گوگل ميپس اربين ڊالرز ڪمائيندو آهي.
رڳو اهو ئي نه، گوگل ميپس کي اميد آهي ته 2023ع جي پڄاڻي تائين ان جي آمدني 11 ارب ڊالرز تائين ٿيندي، اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي ته گوگل ميپس جو قدر تقريبن 62 بلين ڊالرز آهي.
اوهان کي لڳندو ته متان گوگل ميپس ڊيٽا گڏ ڪرڻ يا پرائيويسي تي حملن جهڙن غلط طريقن سان پئسو ڪمايو هجي، پر حقيقت اها آهيته گوگل ميپس جي مونيٽائزيشن حقيقت ۾ گھڻي سڌي ۽ اخلاقي آهي.
گوگل ميپس بنيادي طور تي ڪاروبارن کي پنهنجي مرضي موجب برانڊنگ ۽ ميپس تي گھڻي پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پريميئم قيمت ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي.
وڌيڪ اهو ته، بزنس آٽو فِل ۾ پنهنجي موجودگي لاءِ سڌي ريت نقشي شموليت کان وٺي مختلف طريقن ذريعي گوگل ميپس کي لائيسنس به ڏنا ويندا آهن.
You might also like