نيوزيلينڊ کي بدترين شڪست، بنگلاديش تاريخ لکي ڇڏي

نيپيئر (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ٽين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي پهريون ڀيرو هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي.
نيپيئر ۾ بنگلاديش جي بالرن ميزبان بيٽرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو، ڪيوي ٽيم رڳو 98 رنسن تي ڍير ٿي وئي، 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا.
بنگلاديش جي شريف السلام، تنزيم احمد ۽ سوميا سرڪار 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ مهمان ٽيم گهربل هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 16هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.
بنگلاديش طرفان ڪپتان نجم الحسين شانتو 51 ۽ انعام الحق 37 رنسن جي اننگز کيڏي.
واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز نيوزيلينڊ 1-2 تان پنهنجي نالي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.