هڪ ئي ڏينهن ٻن مختلف جهاز حادثن ۾ بچي ويل خوش قسمت جوڙو

چوندا آهن ته جڏهن قسمت ۾ ساٿ لکيل هجي ته ڪو به ڌار نٿو ڪري سگھي، اهڙو ئي هڪ خوش قسمت جوڙو هڪ ئي ڏينهن هواءِ جهاز حادثي ۾ زندهه بچي ويو.
30 ورهين جو اسٽيفانو پيريلي ۽ سندس 22 ورهين جي مڱيندي انٽونيٽا ديماسي دوستن سان گڏ اٽلي جي شهر ٽورن وڃي رهيا هئا.
جنهن وقت ٻنهي سان حادثو پيش آيو ٻئي هڪ ئي ڏينهن ٻن مختلف جهازن ۾ سوار هئا.
اسٽيفانو پيريلي ٻن سيٽن واريجهاز ۾ سوار هو جيڪو بدقسمتي سان خراب ٿي تباهه ٿي ويو هو، جڏهن ته انٽونيٽا جو جهاز کي اسٽيفانو جي حادثي واري هنڌ کان کان رڳو 25 ميل پري بوسانو جي ويجهو خراب ٿي پيو.
هوائي جهاز حادثي ۾ اسٽيفانو پيريلي ته معجزاڻي طور تي زندهه بچي ويو، جڏهن ته انٽونيٽا کي معمول ڌڪ رسيا، ريسڪيو عملي فوري ڪارروائي ڪندي ان جوڙي کي زندهه بچائي ورتو.
اسٽيفانو پيريلي پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته انٽونيٽا جو هوائي جهاز ۾ سفر جو پهريون تجربو هو ۽ جيڪو ڪجهه به ٿيو ان تي مون کي افسوس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.