وڊيو: زمان خان جي خطرناڪ يارڪر اڳيان ميڪسويل بي وس، ڪلين بولڊ ٿي ويو

بگ بيش ليگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر زمان خان جي يارڪر تي گلين ميڪسويل ڪلين بولڊ ٿي ويو.
بگ بيش ۾ سڊني ٿنڊرز جي نمائندگي ڪندڙ زمان زمان جو خطرناڪ يارڪر گلين ميڪسويل کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ وڏي هٽ لڳائڻ جي چڪر ۾ هو ڪلين بولڊ ٿي ويو.
ميڪسويل کي زمان خان 30 رنسن جي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
ميچ ۾ زمان خان 4 اوورن ۾ رڳو 24 رنسون ڏئي 3 شڪار ڪيا، اهڙي ڪارڪردگي تي کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.