ڪينگروز خلاف سريز، پاڪستان نعمان علي جي جاءِ تي متبادل اسپنر جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپنر نعمان علي آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ متبادل اسپنر جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وياب رياض جي سربراهي ۾ قومي سليڪشن ڪميٽي محمد نواز جي نالي جي منظوري ڏني، جيڪو ڪيويز خلاف 12 جنوري کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو به حصو آهي، محمد نواز فوري طور آسٽريليا روانو ٿيندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پي سي بي تصديق ڪئي هئي ته اسپنر نعمان علي آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
نعمان علي 22 ڊسمبر تي پيٽ ۾ سور جي دانهن ڪئي ۽ معائني دوران ان ۾ اپينڊڪس جي سڃاڻپ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.