ڪنڊيارو: عورت سان ڏاڍائي جي ڪوشش، ڪيس داخل

ڪنڊيارو (ويب ڊيسڪ) ڪنڊيارو ۾ ناري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش دوران کيس تشدد ۽ وار ڪتري تذليل جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ناري ريکا ڏيرن ۽ مڙس جي مبينا ظلمن خلاف ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته مڙس ۽ ڏيرن تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو .

هن الزام مڙهيو ته هن جو مڙس ارجن مل گهرو معاملي تان کيس مارڪٽ ڪندو رهيو آهي .

هن داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس ڏير اتم داس ۽ چندو مل هن سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ، جڏهن ته هن کي تشدد جو نشانو بڻائي وار ڪتري تذليل ڪئي وئي.

عورت ريکا ايس ايس پي توڙي سماجي تنظمين کي اپيل ڪئي ته کيس انصاف فراهم ڪرڻ سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.