مدئجي:سڱاوتي تڪرار تان عورت قتل

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان گوليون هڻي عورت قتل ڪيو ويو .

ڳوٺ مٺڻ جمالي ۾ نعيمان ڌي ارشاد جمالي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

جمالپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو ويو .

مدئجي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاء شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آخري اطلاع تائين قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.