آمريڪا پاران سعودي لاءِ هڪ ارب ڊالرن جو فوجي تربيتي پروگرام منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سعودي عرب لاءِ هڪ ارب ڊالر ماليت جي فوجي تربيتي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي.

آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون پاران به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزارت آر اي ٿري اي ٽيڪٽيڪل ايئربورن سرويلنس سسٽم ايئر ڪرافٽ موڊرنائزيشن (RE-3A TACTICAL AIRBORNE SURVEILLANCE SYSTEM AIRCRAFT MODERNIZATION) ۽ ان سان سلهاڙيل اوزار سعودي عرب کي امڪاني طور تي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پينٽاگون موجب سعودي عرب ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ٽريننگ پروگرام جاري رکڻ جي درخواست ڏني هئي جيڪا رڳو ويڙهه، ٽيڪنيڪ، پروفيشنل فوجي تعليم، خاص تربيت، موبائيل ٽريننگ ٽيم، ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ ٽيم، ايڪسٽينڊڊ ٽريننگ سروس اسپيشلسٽ ۽ انگريزي ٻوليءَ تائين محدود نه آهي پر ان ۾ رائل سعودي ايئر فورس ۽ ٻين فورسز جي تربيت جي پروگرام جهڙوڪ عام شهرين جي مارجڻ کان بچاءُ، هٿياربند فورس جي تڪرار جي قانونن ۽ انساني حقن جا تربيتي پروگرام به شامل آهن.

پينٽاگون موجب وچ اوڀر ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم ترين دوست ملڪ کي تربيتي پروگرام جي ڄاڻايل وڪري سان آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ مستقبل ۾ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ به معاون ثابت ٿيندي.

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب سعودي عرب سان معاهدي جي صورت ۾ آمريڪا جا 339 ڪنٽينر تقريبن هڪ سال لاءِ سعودي عرب ۾ تربيتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.