”عمران خان اقتدار جي بُک ۾ قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ غلط بيانيو ڏنو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائفر کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ تي پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، سائفر تمام وڏو ڊرامو هو، اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ڄاڻي واڻي سائفر کي مسئلو بڻايو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪالهه سائفر ڪيس بابت هڪ اهم فيصلو آيو، فيصلو ڏيندڙ احترام جي لائق آهن، هاڻي فيصلو پبلڪ ٿي چڪو ۽ عوام ان تي راءِ به ڏئي سگھي ٿو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير سائفر کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو، اقتدار جي بُک ۾ قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ غلط بيانيو ڏنو ويو ته هڪ ملڪ اوهان جي خلاف آهي.
هن چيو ته لاش رکي پاڪستان کپي جو نعرو لڳائيندڙ ئي وڏا سياستدان آهن، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ جي شهادت تي ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ جو نعرو هنيو هو.
سندس چوڻ هو پ پ چاهي ٿي ته سڀني لاءِ ليول پليئنگ فليڊ هجي، پ پ جو انتخابي نشان تلوار هو، ڦريو ويو ته اسان جي پارٽي تير جي نشان تي چوندن ۾ حصو ورتو هو، جيڪڏهن پي ٽي آئي وارا سمجهن ٿا اهي بيقصور آهن ته عدالت وڃي ثابت ڪن ته هي بيقصور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.