”بلاول لياري مان هارايو نه هو پر کيس هارايو ويو هو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ پ پ جي پهرين ترجيح آهي، بلاول ڀٽو لياري مان هارايو نه هو پر کيس هارايو ويو هو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسان مڪاني چونڊن ۾ اهي يوسيون به کٽيون، جيڪا اڳ ۾ هارايون هيون، لياري ۾ پ پ مضبوط ٿي آهي.
هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو، اهو سياسي ماڻهو نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ باني فوج کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.