ڀارت ۾ ڪورونا وري ڪَر کڻڻ لڳو، فوتگيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڀيرو وري ڪر کڻي رهيو آهي جتي 24 ڪلاڪن ۾ وائرس وگھي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا رڳو 24 ڪلاڪن ۾ 752 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪي هلندڙ سال 21 مئي کان پوءِ هيل تئاين سڀ کان وڌيڪ رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز آهن.
ان حوالي سان يونين هيلٿ منسٽري ٻڌايو آهي ته 752 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڀارت ۾ هاڻي ايڪٽو ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 هزار 420 ٿي ويو آهي.
ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4 ڄڻا ڪورونا وگھي موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن جن مان ٻن جو واسطو ڪيرالا رياست، ۽ هڪ جو راجسٿان ۽ هڪ جو ڪرناٽڪا سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.