حج تي ويندڙ عورتن کي پهريون ڀيرو پاڪستاني پرچم وارو عبايو ڏنو ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو آهي ته هن ڀيري عورتن کي پهريون ڀيرو عبايو به ڏنو ويندو، جنهن تي پاڪستاني پرچم هوندو، حج تي ويندڙ سمورا ماڻهو پاڪستان جا سفير آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي ۾ حاجين جي ماسٽر ٽرينرز جي 5 ڏينهن جي تربيت کانپوءِ پڄاڻي واري تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته حج پاڻ کان خدا تائين سفر جو نالو آهي، توهان حج تي ويندڙن جي ڀرپور رهنمائي ڪري رهيا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.