خضدار (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) عام چونڊن لاءِ بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي پنهنجو اميدوار بڻائي ورتو.
سردار اختر مينگل ۽ جي يو آءِ جي مرڪزي سرپرست مولانا قمرالدين خضدار ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو اعلان ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته اين اي 256 تان سردار اختر مينگل جي يو آءِ ۽ بي اين پي جو گڏيل اميدوار هوندو، جڏهن ته پي بي 18 تان بي اين پي جي يو آءِ جي حمايت ڪندي، جنهن جو اميدوار غلام سرور هوندو.
پي بي 19 تان بي اين پي جي يو آءِ جي حمايت ڪندي، جنهن جو اميدوار مير يونس عزيز زهري هوندو، جڏهن ته پي بي 20 تان جي يو آءِ بي اين پي جي اختر مينگل کي سپورٽ ڪندي.
You might also like