ماهرا خان جو جنم ڏينهن، گھڻن سالن جي ٿي وئي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان اڄ پنهنجي 39 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.

ماهرا خان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات وي جي طور ڪئي، سندس مشهور ڊرامن ۾ هم سفر ۽ شهر ذات ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن جڏهن ته صدقي تمهاري، بن روئي سميت ڪيتران ئي ڊرامن ۾ پڻ مقبوليت ماڻي.

ڊراما انڊسٽري مان ڀرپور ڪاميابي کان پوءِ ماهرا فلمي دنيا ۾ به قدم رکيو، پهرين جنوري 2016ع ۾ سندس پاڪستاني فلم هو مَن جَهان نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. ماهرا خان بالي ووڊ ۾ به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، هن بالي جي سپر اسٽار شاهه رخ خان سان گڏ فلم رئيس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، اها هندي انڊسٽري ۾ سندس پهرين فلم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.