انساني حقن جي پامالين کي بلوچن جو مقدر بڻايو ويو آهي: اختر مينگل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اسلام آباد ۾ گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀاتين جي مارچ تي تشدد ڪيو ويو، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن تي لٺبازي ڪئي وئي.
پنهنجي بيان ۾ اختر مينگل چيو ته نگران حڪومت صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ايندي آهي، سڀني حڪومتن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بلوچستان تڪرار جو واحد حل سياسي ڳالهيون آهن.
هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي بلوچستان جي تڪرار کان ڌار ڪري ئي نٿو سگهجي، بلوچستان ۾ انساني حقن جي پامالين کي اتان جي ماڻهن جو مقدر بڻايو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته هر فورم تي گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهو ڪنهن هڪ جو نه پر انساني مسئلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.