ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ارباز خان 24 ڊسمبر تي ميڪ اپ آرٽسٽ شورا خان سان شادي ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ارباز خان ۽ سندس اڳوڻي گرل فرينڊ جارجيا اينڊرياني جي بريڪ اپ جي خبرن کان پوءِ هاڻي اها خبر سامهون آئي آهي ته اداڪار هلندڙ مهيني 24 ڊسمبر تي ميڪ اپ آرٽسٽ شورا خان سان ٻي شادي ڪندو.
رپورٽ موجب ارباز خان ۽ شورا خان جي شادي جي تقريب ممبئي ۾ رٿي ويندي جنهن ۾ ان جوڙي جا ڪجهه ويجها دوست ۽ خاندان وارا شرڪت ڪندا.
شورا خان بالي ووڊ جي ميڪ اپ آرٽسٽ آهي، ٻنهي جي پهرين ملاقات نئين ايندڙ فلم ”پٽنه شڪلا“ جي سيٽ تي ٿي هئي جتي ارباز خان ۽ شورا خان جي محبت جي ڪهاڻي جي شروع ٿي.