نثار کهڙو صوبائي اسيمبلي جي ٻن تڪن تان چونڊ وڙهندو، نامزدگي ڪاغذ وصول

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو صوبائي اسيمبلي جي ٻن تڪن تان چونڊ وڙهندو.
نثار کهڙي جي ترجمان موجب پ پ سنڌ جي صدر صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻي ۽ پي ايس 15 ميرو خان تان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪري ورتا آهن.
ترجمان ٻڌايو ته نثار کهڙو سڀاڻي جمعي ڏينهن نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائيندو.
هوڏانهن نثار کهڙي چيو ته پارٽي قيادت ٻنهي تڪن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.