ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن بابت نگران وزير محمد عمر سومري چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ قانون پاس ٿيڻ باوجود ننڍي عمر جون شاديون ٿي رهيون آهن، ننڍي عمر جي شادين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪراچي جي هڪ خانگي هوٽل ۾ ”سنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرنٽ ايڪٽ 2013 تي عملدرآمد“ جي عنوان سان هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو، تقريب جو خاص مهمان نگران صوبائي وزير محمد عمر سومرو هو.
محمد عمر سومري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي قانون ته ٺهن ٿا پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي، سنڌ اسيمبلي 2013ع ۾ قانون پاس ڪري چڪي آهي پر ان جي باوجود ننڍي عمر جي شاديون ٿي رهيون آهن، اسلام پهريون مذهب آهي جيڪو شادين تي پابندي کي قانوني حيثيت ڏئي ٿو.
هن چيو ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ مدرسن ۾ به شعوري مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي به اسان سان گڏ هلڻو پوندو، ان کانسواءِ اسان هن قانون تي عمل نه ٿا ڪري سگهون، هي قانون وفاقي شريعت ڪورٽ جي ماتحت آيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ شادي رجسٽرار کي ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وٽ تمام گهڻا فنڊ آهن پر اهي استعمال نه ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي اڳوڻي حڪومت سٺا قانون پاس ڪيا آهن.
ان موقعي تي ڪميشن جو چيئرمين اقبال احمد ڏاهري، ايڊيشنل آءِ جي، سيڪريٽري هيومن رائيٽس فضل حسين اويسي ۽ ٻيا به موجود هئا.
You might also like