پيار ۽ محبت رڳو فلمي ڪهاڻين تائين محدود آهن: سونيا حسين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سونيا حسين چيو آهي ته پيار ۽ محبت رڳو فلمي ڪهاڻين تائين محدود آهن.
اداڪارا خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي شوبز ڪيريئر جي جدوجهد ۽ زندگي جي اهم مرحلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان اداڪارا کان سندس ڪاميابي جو نسختو پڇيو جنهن تي سونيا حسين چيو ته آئون رڳو پنهنجي ڪار ۾ ويهندي آهيان ۽ پوءِ پنهنجو ڪم ڪندي آهيان.
محبت بابت ڳالهائيندي اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ هاڻي اصلي ۽ جعلي محبت وچ ۾ فرق ڪري سگھي ٿي، پيار ۽ محبت رڳو فلمي ڪهاڻين تائين محدود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.