اسلام آباد ۾ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد افسوسناڪ آهي، جاچ ڪرائي وڃي: زين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه اسلام آباد ۾ پرامن ”بلوچ ايڪتا مارچ“ ۾ شرڪت ڪندڙن تي طاقت جي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته وحشياڻو تشدد ۽ شيلنگ برداشت جوڳي ناهي، ڊاڪٽر ماھه رنگ سميت ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد افسوسناڪ آهي.
ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سيد زين شاھه چيو ته حڪومت جو اهو رويو غير جمهوري، غير سياسي ۽ غير انساني عمل آھي، انصاف فراهم ڪرڻ بدران مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان لٺيون وسايون پيون وڃن، ڪو به مهذب معاشرو پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد جي اجازت نٿو ڏئي.
هن چيو ته لانگ مارچ جي پرامن شريڪ ماڻھن جي فرياد ٻڌڻ بدران انهن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو پيو وڃي، بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن تي ان طرح جي ظالماڻي حڪمت عملي ۽ جبر سان انهن جو آواز نٿو دٻائي سگهجي، پرامن مارچ تي پوليس تشدد ذريعي بلوچن کان انساني حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سيد زين شاهه مطالبو ڪيو ته بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي تشدد ۽ لٺبازي جي جاچ ڪرائي وڃي، ان ۾ ملوث انتظاميا جي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ٿيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.