جعلي نوٽ جي بدلي اصلي نوٽ ملي سگهي ٿو يا نه؟

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر سليم رضا چيو آهي ته جعلي نوٽ بس ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو آهي ۽ ڪو ادارو ڪنهن کي جعلي نوٽ ملڻ تي ان جي بدلي رقم نٿو ڏئي سگهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي سليم رضا چيو ته رياست يا ان جو ڪو ادارو جيئن اسٽيٽ بئنڪ، ڪنهن اهڙي شخص کي ازالي لاءِ پئسا نٿا ڏئي سگهن، جنهن کي جعلي نوٽ مليو هجي.
هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيٽ بئنڪ اهو ڪم شروع ڪري ٿي ته دعوائن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي جعلي نوٽ ملي ٿو ته طريقو اهو ئي آهي ته هو بئنڪ ڪيشيئر کي ڏيکاري، ڇو ته اهو ئي نوٽ کي سڃاڻي سگهي ٿو.
سليم رضا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻن ڄڻن ۾ ڏي وٺ جو معاملو آهي ته پوءِ اهو هڪ قانوني معاملو آهي، جيڪو عدالت ۾ طئي ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.