مرجان ۽ سِپين جي نقشن سان سجايل 23 سئو سال پراڻو ڪمرو دريافت

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي راڄڌاني روم ۾ 2 هزار سال پراڻو ڪمرو دريافت ڪيو ويو آهي ته جنهن جي ڀتين تي ٺهيل خوبصورت نقشا اڄ به محفوظ آهن.
اهو هڪ قديم محل جو ڪمرو هو ۽ قديم آثارن جي ماهرن پاران 2018ع کان ان هنڌ جي کوٽائي جو ڪم جاري هو جنهن دوران اهو دريافت ٿيو.
ماهرن جي ڪاٿي موجب اهو ڪمرو 23 سئو سال پراڻو آهي.
5 ميٽر وڏي ان ڪمري جي ڀت تي موتين،سپين، مرجان، سنگ مرمر ۽ قيمتي شيشي سان دنگ ڪري ڇڏيندڙ نقشو بڻايو ويو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته اها دريافت نقشا محفوظ هجڻ سبب خاص نه آهي پر ان لاءِ به اهم آهي ڇو جو اتي ان دور جي زميني ۽ سامونڊي جنگين جي ڪاميابين کي نقشي ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
انهن نقشن ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀتين جا منظر حقيقي هنڌن جا به ٿي سگھن ٿا.
ماهرن پاران هاڻي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته نقشن لاءِ مارجان کي روم سمنڊ مان حاصل ڪيو ويو آهي يا احمر سمنڊ مان.
ماهرن جو مڃڻ آهي ته اتي موجود هڪ ناياب نيري پليٽ ۾ جيڪا ڊزائين ڏيکاري وئي آهي اها قديم مصر جي شهر اسڪندريا کان ورتي وئي آهي.

<i>Emanuele Antonio Minerva/MiC</i><br/>The 2300-year-old shell grotto was used as an outdoor dining room and features a sizeable wall mosaic featuring brightly colored shells
هنن چيو ته قديم دور ۾ طاقتور خاندان ان جاءِ تي گڏ ٿيندا هئا ۽ اتي مهمانن کي پنهنجي حيثيت مان متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هوندا.
سندن چوڻ هو ته اتي ڀتين ۾ اهڙا پائپس به موجود آهن جتان پاڻي ڦهارن تائين پهچندو هوندو ۽ مختلف رانديون کيڏيون وينديون هونديون.
اهڙي قسم جا ڪمرا قديم روم ۾ گھڻاعام هئا پر نقشن سان سجايل ڀت ان دريافت کي خاص بڻايو آهي.
ماهرن کي اميد آهي ته جنوري 2024ع ۾ ان هنڌ کي عوام لاءِ کوليو ويندو.
ماهرن پاران ان هنڌ جي کوٽائيءَ جو به ڪم جاري رهندو ته جيئن اتان وڌيڪ دريافتون ٿي سگھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.