ڇا اي آءِ ٽيڪنالاجي موت جي اڳڪٿي ڪري سگھي ٿي؟

آرٽيفيشل انٽيليجنس (هٿرادو ذهانت) ٽيڪنالاجي جو استعمال مختلف شعبن لاءِ ڪيو پيو وڃي پر ڇا ان سان ڪنهن فرد جي موت جي اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي؟
سائنسدانن جي خيال ۾ ائين ممڪن آهي.
ان مقصد لاءِ ڊنمارڪ ۾ چيٽ جي پي ٽي سان ملندڙ جلندر هڪ نئون اي آءِ ماڊل تيار ڪيو ويو آهي.
ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي تيار ڪيل life2vec نالي ان اي آءِ ماڊل کي ڊنمارڪ جي آبادي جي ذاتي ڊيٽا سان تربيت ڏني وئي.
ان کي تيار ڪندڙ ٽيم جي دعويٰ آهي ته اهو اي آءِ ماڊل ڪنهن فرد جي موت جي امڪانن جي اڳڪٿي ٻين سسٽمز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ درست ڪري سگھي ٿو.
محققن 2008ع کان 2020ع دوران گڏ ڪيل 60 لک ماڻهن جي ڊيٽا کي گڏ ڪري انهنجي صحت سميت تعليم، ڊاڪٽرن ۽ استپالن جي وزٽ، آمدني، پيشي ۽ ٻين رخن جو تجزيو ڪيو ويو.
35 کان 65 سالن جي عمر جي ماڻهن جي ڊيٽا ذريعي اي آءِ مادل جي موت بابت اڳڪٿي جي صلاحيت جو تجزيو ڪيو ويو.
50 سيڪڙو ڊيٽا اهڙن ماڻهن جو هو جن جو لاڏاڻو 2016ع کان 2020ع دوران ٿيو.
نتيجن مان خبر پئي ته اهو اي آءِ ماڊل ڪنهن به موجودا سسٽم جي ڀيٽ ۾ هڪ فرد جي موت جي اڳڪٿي 11 سيڪڙو وڌيڪ درست ڪري سگھي ٿو.
محققن موجب اسان ان ماڊل کي اهو ڄاڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي ماضي جي واقعن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي ڪيتري حد تائين مستقبل جي واقعن جي اڳڪٿي ڪري سگھي ٿي.
هنن وڌيڪ چيو ته وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اي آءِ ماڊل گھڻيو اڳڪٿيون پنهنجي طور تي نه ڪيون پر ڊيٽا کي نظر ۾ رکي ڪري جواب ڏنا.
تحقيق ۾ اهو دريافت ڪيو ويو ته اي آءِ ماڊل ڪنهن شخص جي ٽيسٽ جا نتيجا، ايندڙ 4 سالن ۾ موت جي امڪانن ۽ ٻين شين جي اڳڪٿي ڪري سگھي ٿو.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل Nature Computational Science ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.