سال جي سڀ کان ننڍي ڏينهن ۽ ڊگھي رات بابت دلچسپ حقيقتون

ڇا اوهان کي خبر آهي ته پاڪستان سميت اتر اڌ قطب ۾ اڄ سال جو سڀ کان ننڍو ڏينهن ۽ ڊگھي رات آهي؟

سال جي ننڍي ترين ڏينهن کي winter solstice چيو ويندو آهي.

گذريل 6 مهينن يعني 22 جون کان پاڪستان سميت اتر اڌ قطب ۾ ڏينهن جي وقت ۾ گھٽتائي اچي رهي هئي پر هاڻي معاملو ابتڙ ٿي ويندو يعني ڏينهن جو جيئن جو تيئن وڌڻ لڳندو.

winter solstice جي حوالي سان چيو ويندو آهي ته اهو بنيادي طور تي سياري جي موسم جي شروعات جو پهريون ڏينهن آهي جنهن جي شروعات پاڪستان سميت ڪجهه ملڪن ۾ 21 جڏهن ته ڪجهه ۾ 22 ڊسمبر تي ٿيندو.

winter solstice جي پٺيان لڪيل سائنس

اهو اُهو واقعو هوندو آهي جڏهن سج سڀ کان وڌيڪ ڏکڻ ۾ هوندو آهي ۽ برج جدي مان گذري رهيو هوندو آهي.

ڏکڻ اڌ قطب ۾ صورتحال ابتڙ هوندي آهي جتي 21 يا 22 ڊسمبر سال جو ڊگھو ترين ڏينهن هوندوآهي.

ان خطي ۾ ارجينٽينا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جهڙا ملڪ موجود آهن جتي دنيا جي رڳو 10 سيڪڙو آباد رهي ٿي.

اتر اڌ قطب ۾ سال جو سڀ کان ننڍو ڏينهن 20 کان 24 ڊسمبر جي وچ ۾ هوندو آهي، پر 21 يا 22 ڊسمبر گھڻيون عام تاريخون آهن.

ڪهڙي ملڪ ۾ سال جو ننڍو ڏينهن 21 ڊسمبر تي ٿيو يا 22 ڊسمبر تي ٿيندو ان لاءِ مختلف ويب سائيٽس جهڙو ٽائيم اينڊ ڊيٽ ڪام کان مدد وٺي سگھجي ٿي.

ڪهڙن هنڌن تي واقعي سڀ کان ننڍو هوندو آهي؟

ان موقعي تي اتر اڌ قطب ۾ ڏينهن جي روشني ڊرامائي حد تائين گھٽ هوندي آهي پر اتي لڳ ڀڳ 24 ڪلاڪن اوندهه جو ئي راڄ هوندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ خط استوا جي اتر ۾ 85 ميل پري موجود سنگاپور ۾ رهندڙن کي ڪو خاص فرق محسوس ناهي ٿيندو، ڇو جو اتي جون جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر ۾ سج لهڻ وقت رڳو 9 منٽن جي گھٽتائي ايندي آهي.

يعني اتي سڄو سال لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪ ڏينهن رهندو آهي.

پيرس ۾ 8 ڪلاڪن 14 منٽ ڊگھو ڏينهن هوندو آهي ۽ لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪ رات هوندي آهي.

تاروي جي شهر اوسلو ۾ سج صبح جو 9 لڳي 18 منٽن تي اڀري منجهند جو 3 لڳي 12 منٽن تي لهي ويندو آهي يعني 6 ڪلاڪن کان به گھٽ وقت ۾ .

آمريڪي رياست الاسڪا جي علائقي Nome ۾ ته سج جي روشني 3 ڪلاڪ 54 منٽن تائين ئي نظر ايندي آهي جنهن کان پوءِ 20 ڪلاڪن جي ڊگھي رات جي شروعات ٿي ويندي آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ اسلام آباد ۾ صبح جو 7 لڳي 8 منٽن تي سج اڀري شام جو 5 لڳي 3 منٽن تي لهي ويندو آهي، يعني 9 ڪلاڪ 55 منٽن ۾.

لاهور ۾ اهو وقت 10 ڪلاڪ 1 منٽن جڏهن ته ڪراچي ۾ 10 ڪلاڪ 35 منٽ هوندو هوندو.

ائين ڇو ٿيندو آهي؟

اسان جي زمين سج جي چوڌاري گھمندي آهي تنهنڪري winter solstice (راس الجدي) جي موقعي تي سج ڏکڻ قطب ڏانهن جهڪي ويندو آهي ۽ اتر اڌ قطب کان پري هوندو آهي تنهنڪري اتي سياري جي شروعات ٿيندي آهي.

انهيءَ ڪري ڏينهن جو وقت گھٽجي ويندو آهي جڏهن ته گرمين جي موسم ۾ ان کان ابتڙ هوندو آهي.

اتر اڌ قطب جي خطن ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين سج اڀرڻ جو وقت اهو ئي رهندو، پر سج لهڻ جو وقت تبديل ٿيندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.