اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) واري وزارت حج کي ڊجيٽلائز ڪندي موبائيل ايپ تيار ڪري ورتي.
آءِ ٽي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف ۽ مذهبي معاملن نگران وفاقي وزير انيق احمد موبائيل ايپ ”پاڪ حج“ کي جاري ڪيو.
اين آءِ ٽي بي جي تيار ڪيل موبائيل ايپ حج سان حج پانڌيئڙن لاءِ سموري ڄاڻ فنگر ٽپس تي هوندي.
مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد جو چوڻ هو ته ۽ آءِ ٽي واري نگران وفاقي وزير عمر سيف مدد نه ڪري ها ته پاڪ حج ايپ پڄاڻي تي نه پهچي ها، موبائيل ايپ کي اردو ۽ انگريزي ۾ بڻايو ويو آهي، حج کان اڳ ان ايپ ۾ مقامي ٻوليون به شامل ڪنداسين.
هن چيو ته موبائيل ايپ هڪ ڀيرو انسٽال ٿيڻ کان پوءِ آف لائين به ڪم ڪندي، رهنمائي لاءِ شارٽ ڪلپس تيار ڪري حاجين کي موبائيل ايپ سان موڪلينداسين.
ان موقعي تي نگران وفاقي وزير عمر سيف جو چوڻ هو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي هدايت موجب ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن تيز ڪئي وئي آهي.
You might also like