”هڪ ليڊر جيل مان سهولت گهري رهيو آهي ۽ ٻيا چون ٿا ته سي پيڪ اسان شروع ڪيو“

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي ڪاري ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون آهن، پ پ شروع کان ئي چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن کي مينڊيٽ ملي، اهو عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ملڪ ۽ ادارن خلاف سازشون ڪري رهي هئي، عوام کي ڪا دلچسپي ناهي ته ڪير جيل پيو وڃي ڪنهن کان بدلو وٺڻو آهي، عوام ڏکيائين مان نڪرڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري اڪيلو ليڊر آهي، جيڪو سڀني کي گڏ ويهاري سگهي ٿو، پ پ عوام کي جوڙڻ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي آهي، عوام پنهنجي شعور سان پ پ کي چونڊيندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ ليڊر جيل ۾ آهي ۽ سهولت گهري رهيو آهي ته ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي، ٻي پارٽي چئي ٿي ته ايٽم بم اسان ٺاهيو، سي پيڪ اسان شروع ڪيو، شڪر آ اهي ائين نٿا چون ته پاڪستان اسان ٺاهيو، سروي اچي رهي آهي ته هن وقت پ پ سڀ کان پسنديده جماعت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.