واٽس ۾ پراڻا ميسيج ڳولڻ سولو ٿي ويو

ڇا اوهان کي ضرورت جي وقت واٽس ايپ ۾ پراڻا ميسيجز ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي؟
واٽس ايپ پاران هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو ان مسئلي جو حل ثابت ٿيندو.
واٽس ايپ تاريخ ذريعي پراڻا ميسيج ڳولڻ جو فيچر متعارف ڪرايو آهي.
اهو فيچر واٽس ايپ جي ويب ورجن ۽ موبائيل ايپس تي واهپيدارن کي دستياب آهي.
فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ کولي ان چيٽ ونڊو ۾ وڃو جتي ڪنهن مخصوص تاريخ جو ميسيج ڳولڻ چاهيو ٿا.
ان چيٽ ونڊو ۾ سرچ آپشن کي سليڪٽ ڪريو.
سرچ آپشن سليڪٽ ڪرڻ تي اوهان جي آڏو ڪلينڊر آئڪون اچي ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ ڪيترائي هفتا،مهينا يا سال پوئتي وڃي گھربل تاريخ تي ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ کان پوءِ ان مخصوص تاريخ جا پيغام سامهون اچي ويندا.
واضح رهي ته ان فيچر تي ڊگھي عرصي کان ڪم ڪيو پئي ويو ۽ هاڻي وڃي واهپيدارن لاءِ ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.