اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته دائود ابراهيم ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جون خبرون بي بنياد آهن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت سدائين پاڪستان تي الزام هنيا آهن ۽ پروپئگنڊا ڪئي آهي.
هن چيو ته ڀارت اهي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيو آهي ته دائود ابراهيم ڪراچي اسپتال ۾ داخل آهي، جڏهن ته پاڪستان کي ڀارتي دهشتگردي تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر سڄي دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like