ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪهڙِ تڪ تان چونڊ وڙهندو، ان حوالي سان فيصلو ناهي ٿيو پر هو سڄي ملڪ مان چونڊ وڙهي سگهي ٿو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهباز شريف اڳوڻو وزيراعظم آهي، ان کي به حق حاصل آهي ته ملڪ ۾ ڪٿان به چاهي ته چونڊ وڙهي.
هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جڏهن به اقتدار کانپوءِ ڪراچي ايندو آهي ته گورنر هائوس ۾ رات ترسي هليو ويندو آهي، مان نواز شريف جو ٿورائتو رهندس ته هو اقتدار ۾ هوندي سنڌ جو دورو ڪري ۽ صوبي جي هر ضلعي ۾ وڃي ۽ اتي رات ترسي.
سندس چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ جو مطالبو بار ڪائونسلز جو آهي، اسان ته رڳو صاف شفاف چونڊون چاهيون ٿا.
You might also like