سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سڀني زڪوات چيئرمينز جي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت ۽ سندن بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي اوقاف، عشر زڪوات ۽ مذهبي معاملن واري کاتي سرڪاري ملازمن ۽ زڪوات چيئرمينز کي سياسي سرگرمين يا چونڊ مهم جو حصو نه بڻجڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اها پابندي اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري نگران وزير عمر سومري جي هدايت تي لڳائي وئي آهي.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي تي چونڊ قانونن تحت ڏنڊ لاڳو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.