ڪوشش هوندي ته ميلبورن ۾ ٽيم لاءِ سٺو اسڪور ڪيان: سعود شڪيل

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان مڊل آرڊر بيٽر سعود شڪيل چيو آهي ته ڪوتاهين مان سکنداسين ۽ پرٿ ۾ ڪيل غلطيون نه ورجائينداسين.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پرٿ ٽيسٽ هارائڻ کانپوءِ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ ميلبورن پهچي وئي آهي، جتي اها ڪينگروز خلاف 26 ڊسمبر کان ميدان ۾ لهندي.
ميلبورن ۾ پريڪٽس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعود شڪيل چيو ته ڪوتاهين مان سکنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪيل غلط نه ورجايون.
هن چيو ته اڄ اسان جو پريڪٽس سيشن سٺو رهيو، ايم سي جي ۾ کيڏڻ جي خواهش هئي، جيڪا پوري ٿي رهي آهي، هتي کيڏڻ جو پريشر ضرور آهي پر ڪوشش هوندي ته ميلبورن ۾ ٽيم لاءِ سٺو اسڪور ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.