پاڪستاني فاسٽ بالر آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر خرم شهزاد انجري سبب آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پرٿ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪندڙ خرم شهزاد سائيڊ اسٽرين جو شڪار ٿيو هو، هن پهرين ميچ جي ٻي اننگز ۾ مجموعي طور 5 وڪيٽون ورتيون هيون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.