هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالاجي مختلف بورڊ ڪيمز جهڙو شطرنج ۾ انسانن کي شڪست ڏئي چڪي آهي.
بورڊ گيمز ۾ انسانن جي شڪست حيران ڪندڙ نه اهي ڇو جو اي آءِ ٽيڪنالاجي مخصوص ڪمن ۾ پنهنجي مهارت ثابت ڪري چڪي آهي، خاص طور تي تفصيلن جو تجربو ڪرڻ جي صلاحيت ۾.
پر هاڻي پهريون ڀيرو اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل روبوٽ جسماني صلاحيت جي شعبي ۾ انسانن کي شڪست ڏئي ڇڏي.
سوئٽزرلينڊ جي يETH Zurich يونيورسٽي جي تيار ڪيل اي آءِ روبوٽ labyrinth نالي گيم ۾ انسانن کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ان گيم ۾ 2 ناب ذريعي ماربل جي بال کي هڪ کان ٻئي منڍي تائين پهچائڻو پوندو آهي.
اهو گھڻو ڏکيو ڪم هوندو آهي دماغ سان گڏوگڏ جسماني صلاحيت گھڻي ضروري هوندي آهي.
پر سائبر رنر نالي روبوٽ حقيقي فرد جيان اهم گيم کي کيڏي ڏيکاريو.
اهو روبوٽ 2 موٽرن (ان جا هٿ)، هڪ ڪيمرا (ان جي اکين) ۽ ڪمپيوٽر (ان جي دماغ) سان ليس آهي، جنهن جي ذريعي اهو انسان جيان اها گيم کيڏي ٿو.
انسانن جيان روبوٽ پهريان گيم کيڏڻ سکي ۽ پوءِ اي آءِ ٽيڪنالاجي سان ان کي فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملي.
اهو روبوٽ گيم جو مشاهدو ڪري ان کي کيڏڻ جي تجربي کي ياد رکي ٿو ۽ پنهنجي الگورٿم کي ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو.
ان روبوٽ 6.06 ڪلاڪن جي تربيت وٺڻ بعد Lars Göran Danielsson نالي رانديگرن جي 2022ع ۾ قائم ڪيل عالمي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو.
Lars Göran Danielsson اها گيم 15.41 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪئي هئي جڏهن ته روبوٽ ان کي 14.48 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري ڏيکاريو.
سکڻ جي عمل دوران روبوٽ شارٽ ڪٽس دريافت ڪيا ۽ انهن کي انسان جيان پنهنجي ڪاميابي لاءِ استعمال ڪيو.
ان روبوٽ جي حوالي سان هڪ تحقيقي مقالو هڪ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي محققن پاران ان پراجيڪٽ کي اوپن سورس بڻائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
اي آءِ ٽيڪنالاجي پهريون ڀيرو جسماني صلاحيت جي گيم ۾ انسانن کي مات ڏئي ڇڏي
Next Post
You might also like