جيڪو ڇڏي وڃي ان کي ڌڪو ڏيو ۽ پٺيان لت به هڻو: سجل علي زهر اوڳاڇي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سجل علي طرفان انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻيو پيو وڃي ۽ کيس زهر قرار ڏنو ويو آهي.

سجل علي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته وڃڻ واري کي نه روڪيو، نه روڪيو وارا لفظ هن چٽا ڪري لکيا آهن.

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته وڃڻ واري کي نه روڪيو، کيس رستو ڏيو، ٿي سگهي ته ڌڪو ڏيو ۽ لت به هڻو.

اداڪارا جي اهڙي ٻٽي معنيٰ ۽ شڪي پوسٽ تي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ ان اسٽوري کي سندس ذاتي زندگي سان ڳنڍيو ويو.

سجل علي جي انسٽاگرام اسٽوري وائرل ٿي وئي، واهپيدارن تنقيد ۽ ڪجهه ساڻس اتفاق ڪيو.

ماڻهن چيو ته جيڪو شخص قدر نه ڪري ان کي وڃڻ ڏيو، لت به هڻو ۽ڌڪو به ڏيڻ گهرجي.

خيال رهي ته ڏيڍ سال اڳ احد رضا مير ۽ سجل علي وچ ۾ طلاق جون خبرون آيون هيون جنهن تي ٻنهي وضاحت ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.