اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جمعي ۽ ڇنڇر تي ملڪ جي مٿانهين ۽ ڏکڻ وارن علائقن ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جمعي جي ڏينهن اولهه جون هوائون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿينديون، مٿانهين ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته برسات نه پوڻ سبب ڪوهيڙو ختم نه ٿيندو، ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي، گرمي پد ۾ گهٽتائي سان اسموگ جا ذرا گهٽ ٿي سگهن ٿا.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ پارو گهٽجڻ ۽ موسم جي خشڪي سبب ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.