مودي سرڪاري مخالف ڌر جي 141 اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مودي سرڪاري مخالف ڌر جو آواز دٻائڻ لاءِ 141 اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ 141 مخالف ڌر جي لوڪ سڀا ۽ راجيا سڀا جي رڪنيت معطل ڪئي وئي. ڀارت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي انگ ۾ پارليامينٽ جي ميمبرز جي معطلي ٿي آهي.
رپورٽن موجب معطل ٿيل اسيمبلي ميمبرن ۾ اهي ميمبر به شامل آهن جيڪي پنهنجن ساٿينجي معطلي خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. اپوزيشن ميمبرن کي مبينا طور تي ايوان جي ڪارروائي ۾ خلل وجهڻ جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو.
مخالف ڌر جماعت ڪانگريس جو چوڻ آهي ته ميمبرن کي معطل ڪرڻ جو مقصد مودي سرڪاري پاران اهم بلن کي بحث کانسواءِ منظور ڪرائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.