ملڪ ۾ مهانگائي، ڀاڻ جي کوٽ۽ بيروزگاري سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ دانهون ڪندڙ عوام جي دردن جو ڪير به درمان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪ جي وڏين پارٽين جا سربراھ توڙي ٻيا اڳواڻ ڪڏهن جلسن ۾ ته ڪڏهن پريس ڪانفرنسن ۾ ايندڙ چونڊ ۾ ليول پليئنگ ڏيڻ جي ڳالھه ڪرڻ سميت رڳو هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۾ پورا آھن پر ملڪ جي عام ماڻھو جي تڪليفن تي ڪير به ڳالھائيندي نظر نٿو اچي، توڙي جو ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ان ئي عام ماڻھو کان وٺڻ وارا آھن پر ڪٿي به جلسن توڙي ٻين هنڌن تي عام ماڻھو جي ڄڻ ڳالھه هنن جي منشور ۾ ئي ناهي رهي، ها باقي ڪجھه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي ڀاڻ جي کوٽ خلاف رسمي احتجاج ڪري عام ماڻھو ۾ نالو ڳئائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آھي پر اها ڪوشش به کيس عام ماڻھو کان ايتري همدردي ناهي ڏياري سگهي جيتري هوءَ حقدار هئي ان جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر ملڪ ۾ اصل مسئلو مهانگائي جو آھي.
مهانگائي جي وڌڻ، بيروزگاري ۽ ناانصافين سبب عام ماڻھو لڳاتار ذھني ڪرڀ جو شڪار نظر اچي ٿو، ملڪ ۾ نگران سرڪار جڏهن کان آئي آھي تڏهن کان ان جي ڪجھه نه سمجهھ ۾ ايندڙ فيصلن سان گڏ ڪجھه عوامي ڀلائي وارا فيصلا پڻ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آھن تن ۾ هڪ اهم فيصلو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گھٽتائي وارو به نمايان نظر اچي ٿو، اها ٻي ڳالھه آھي ته تيل جي عالمي ليول تي اگهن جي گھٽتائي مطابق هتي قيمتون گهٽ ناهن ٿيون پر ايترو ضرور ٿيو آھي ته ملڪ جي عوام جيڪا گذريل دور حڪومت کان پوءِ وري نگران سرڪار پاران به تيل جي مسلسل وڌندڙ قيمتن سبب پريشان هئي اها ڪجھه سک جو ساھ کڻڻ جھڙي ته ٿي آھي پر ڳالھه رڳو تيل جي قيمتن جي گھٽتائي جي ناهي پر ان گھٽ ٿيندڙ پيٽرول ۽ ڊيزل سميت ٻين پيٽروليم مصنوعاتن جي قيمتن کان علاوه عوام کي عام واهپي جي شين جي اگهن جي گھٽ ٿيڻ جو به وڏو انتظار آھي جيڪو رليف عوام کي نه پيو ملي، ان جا سبب ڇا آهن اهو هڪ الڳ بحث آھي پر تازو ڪجھه ڏينهن اڳ سرڪاري طور جاري ٿيل انگ اکر به ان ڳالھه جو ثبوت آھن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته مهانگائي جي شرح 42 سيڪڙو کي به ڪراس ڪري وئي آھي جيڪا تاريخ جي بلند ترين سطح ليکي پئي وڃي.
ملڪ ۾ ان قدر وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ گذريل حڪومتن جي ڪا خاص پلاننگ نظر نه آئي پر موجوده وفاقي توڙي سنڌ جي صوبائي نگران سرڪار به خبر ناهي ڪھڙي مصلحت تحت ملڪ مٿان عذاب وانگر حاوي ٿيندڙ مهانگائي جھڙي راڪاس کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ناهن ورتا، جيڪا ملڪ جي مسڪين ۽ پورهيت طبقي لاءِ ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالھه آھي، نگران سرڪار پاران گذريل ڏيڍ مهيني کان ٻن مهينن ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي آھي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي آھي پر ان جو ثمر عام ماڻھو کي ملڻ بدران وڏن ڪارخانيدارن، واپارين، ٽرانسپورٽرن ۽ ٻين وڏن ڪاروبارن سان سلھاڙيل ڌرين کي پهتو آھي جنهن جو مثال اهو به آھي ته جيڪو اٽو گذريل مهيني 125 کان 130 روپيا ڪلو ملي رهيو هو اهو هڪدم 10 کان 15 روپين تائين وڌي 135 کان 140 روپيا ڪلو وڪامڻ لڳو آھي جڏهن ته کنڊ جو اگهھ به 125 مان وڌي 135 روپيا ٿي ويو آھي ان کان علاوه چانهھ واري پتي پڻ لڳ ڀڳ ارڙهن سؤ روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آھي گيهھ ۽ کاڌي پيتي سميت ٻين عام واهپي وارين شين جا اگهھ گهٽ ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آھن، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڀاڻ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيا به آھن ته انهن جو ڪو خاص کڙ تيل ناهي نڪري سگهيو اتي سوچڻ جي ڳالھه اها به آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لڳاتار پندرنهن سال حڪومت ڪرڻ سان گڏ پنج سال پهرين وفاق ۾ حڪومت ڪرڻ سان گڏ تازو ڏيڍ سال پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گڏيل حڪومت جو حصو پڻ رهي آھي ان ڪري ڀاڻ جي کوٽ سميت ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جي سببن ۽ ان ۾ ملوث ڌرين جي ان کي چڱي ريت ڄاڻ هجڻ گهرجي.
جيڪڏهن ملڪ جي عوام سان واقعي به سياسي پارٽيون سچيون آھن ته احتجاج ڪرڻ بدران پنهنجي قانوني ماهرن جي ٽيم سان صلاحون ڪري ان وسيلي انهن ڌرين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي بيهاري سوال ڪري ۽ عوام کي هڪ وڏو ريليف ڏياري سگهن ٿيون، پيپلز پارٽي کان علاوه نواز ليگ ۽ جي يو آءِ سميت تقريبن ٻين سڀني پارٽين جي سياسي منشور کان في الحال عام ماڻھو ڄڻ غائب نظر اچي رهيو آھي، نتيجي ۾ عام ماڻھو بي رحم ڪارخانيدارن واپارين ٽرانسپورٽرن ۽ ٻين وڏن واڳن جي وات ۾ ڦاٿل آھي جيڪو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ مسلسل پيڙجي رهيو آھي، پيٽرول، ڊيزل سميت ٻين پيٽروليم جي شين ۾ وڏي گھٽتائي اچڻ باوجود وڏن واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن پاران مسڪين قوم کي بي دردي سان ڪٺو پيو وڃي، قوم جو ڄڻ ته ملڪ ۾ ڪوبه پرسان حال نظر نه پيو اچي ٽرانسپورٽر جيڪي 5 روپيا تيل وڌڻ جي بهاني 50 روپين کان 200 روپين تائين ڪرايا وڌايو ٿا ڇڏين ۽ گورنمينٽ جي مقرر ڪيل ڪراين کي ٿڏي سري عام ديده دليري سان وڌيڪ ڪرايا اوڳاڙي عوام کي لٽي رهيا آھن تن کان به ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي ۽ نه ئي ذخيره اندوزن خلاف ڪا جوڳي ڪارروائي ڏسڻ ۾ ٿي اچي جيڪي ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي جا وڏا ذميوار پڻ ليکيا وڃن ٿا، ان ڪري مهانگائي جي ذميوار ڌرين خلاف هن وقت ملڪ ۾ قانون جي رٽ قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ملڪ ۾ عام ماڻھو کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيڻ سميت مستقل پلاننگ سان بيروزگاري کي به قابو ڪرڻ لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ۾ شامل آھي.
هن وقت جڏهن ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي شيڊول جو به اعلان ٿي چڪو آھي ۽ هر سياسي پارٽي کي چونڊ وسيلي ماڻھن ۾ وڃڻو آھي ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، جميعت علماءِ اسلام، جي ڊي اي سميت اڪثر پارٽين کي ملڪ مان مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ عوام کي پنهنجو کليل منشور ڏيڻ سان گڏ مرڪزي نگران سرڪار سميت چئني صوبائي نگران حڪومتن آڏو عوام جي اهجن تي ڳالھائڻ يا احتجاج ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل قريب ۾ وڏن واڳن تي ڪنٽرول ڪري مهانگائي جھڙي جن کي به قابو ڪري سگهجي ۽ ان جي چنبي ۾ ڦاٿل عوام کي ريليف ڏياري ڪو ان جي چھرن تي مرڪون موٽائي ڏين ته جيئن سياسي پارٽيون ان سان ايندڙ چونڊ ۾ عوام جو پاڻ مٿان اعتماد به بحال ڪرائي سگهن.