عبدالفتاح السيسي لاڳيتو ٽيون ڀيرو مصرجو صدر بڻجي ويو

قاهرا (ويب ڊيسڪ) عبدالفتاح السيسي لاڳيتو ٽيون ڀيرو وڏي اڪثريت سان مصر جو صدر بڻجي ويو.
مصري اليڪشن اٿارٽي صدارتي چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊن 2024ع لاءِ 10 ڊسمبر کان 12 ڊسمبر تائين جاري رهيون، اليڪشن اٿارٽي موجب ووٽنگ جي شرح 66 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ هئي.
نتيجن موجب عبدالفتاح السيسي 89 ڏهائي 6 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.
مصري اليڪشن اٿارٽي موجب صدارتي چونڊن ۾ 4 ڪروڙ 70 لک ووٽرن پنهنجي حق جو استعمال ڪيو جن مان 4 ڪروڙ 47 لک 72 هزار کان وڌيڪ ووٽن کي درست قرار ڏنو ويو.
اليڪشن اٿارٽي موجب عبدالفتاح السيسي 3 ڪروڙ 97 لک کان وڌيڪ ووٽ کڻي واضح سرسي حاصل ڪئي.
عبدالفتاح السيسي جي حريف اميدوار حازم محمد سليمان عمر 19 لک 86 هزار ووٽ حاصل ڪيا.
واضح رهي ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ نئين چونڊيل مصري صدر عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 3 جون 2014ع تي صدر چونڊيو هو، سال 2018ع جي صدارتي چونڊن ۾ 97 ڏهائي ٻُڙي سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري هو ٻئين مدي لاءِ صدر چونڊجي ويو هو.
مصري فوج جي اڳوڻي آرمي چيف عبدالفتاح السيسي 2013ع ۾ مصر جي پهرين چونڊيل صدر محمد مرسي جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.