نواز شريف جو حڪومتي دور پ پ ڪارڪنن لاءِ آمريت کان گهٽ نه هو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪا سياسي جماعت هن وقت اسان جي مخالف ناهي، سياسي جماعتن لاءِ ڳالهه ٻولهه جا دَر سدائين کليل رهندا آهن، رڳو بلوچستان نه سڄي ملڪ مان سرپرائز ڏينداسين.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان جي حڪومت ٺهندي ته سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين، اسان ڪو ڪنهن سياسي جماعت سان مقابلو ناهي، مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري سان مقابلو آهي، نوجوانن، مزدورن کي رليف ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪنداسين.
هن چيو ته ملڪ ۾ نفرت جي سياست ٿي رهي آهي، پ پ ڪارڪن ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت ۾ اسان سان گڏ رهيا، ميان صاحب جو پهريون حڪومتي دور به ڪنهن آمريت کان گهٽ نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.