ڪراچي ۾ امن جي دعويٰ ۽ متحده سان اتحاد ن ليگ جي منافقت آهي: عاجز ڌامراهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن جي دعويٰ ۽ متحده سان اتحاد ن ليگ جي عجيب منافقت آهي، نواز شريف اسٽيل ملز کي خريدڻ لاءِ ان کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال ۽ بشير ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته پ پ ڪڏهن به انتقام جي سياست نه ڪئي، سياسي انتقام ن ليگ جو ڪم آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي دعويٰ ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد عجيب منافقت آهي، ن ليگ جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته سنڌ جا آبادگار پاڻي لاءِ سِڪندا آهن، نواز شريف جو وس هلي ته هو ٿرڪول منصوبو ختم ڪري ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته بشير ميمڻ جهڙا کوٽا سڪا ن ليگ کي مبارڪ هجن، جيڪڏهن ان جماعت پنجاب جي خدمت ڪئي هجي ها ته اڄ بيضا، پٿر ۽ چماٽون نه کائين ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.