ڀارت ۾ ڪورونا وبا ٻيهر ڪَر کڻڻ لڳي،نيون پابنديون لاڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ پريشان ڪندڙ حد تائينواڌ سبب حڪومت پابندي لاڳو ڪري ڇڏيون.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪيرالا ۾ ڪورونا جي نون ڪيسن ۾ مبتلا گھڻن مريضن ۾ ويرينٽ JN.1 کي ڏٺو ويو آهي. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت ڪيترين ئي پابندين جو اعلان ڪيو آهي.
رياستي سرحد تي نگران وڌائڻ سان گڏوگڏ ڪورونا ٽيسٽ جي مهم هلائي ويندي جڏهن ته شڪي ڪيسن وارن ماڻهن کي لازمي طور تي ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
رياستي حڪومت ماڻهن جي چرپر ۽ ميڙاڪن تي پابندي تي به غور ڪري رهي آهي جڏهن ته 60 سالن وڌيڪ عمر جي ماڻهن تي ماسڪ پهرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ڪيرالا جي رياستي حڪومت 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي چيو آهي ته کنگهه، بخار ۽ فلو جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ته اسپتال سان رابطو ڪن ۽ ڪجهه ڏينهن تائين ميڙاڪن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.
حڪومت چيو آهي ته صورتحال تي لاڳيتو نظر رکي پئي وڃي پر حڪومت هڪ ايڊوائزري آڻي رهي آهي جنهن ۾ وڌيڪ پابنديون لڳايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.