اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر 5 مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي.
ڊاڪٽر نديم جان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر 5 مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي، پاڪستان ۾ 22 سيڪڙو ٻار گهٽ وزن سان پيدا ٿيندا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۾ 10 سال اڳ به صحت ۽ غذا جي حوالي سان حالتون بهتر نه هيون، سياسي حڪومتن غذا ۽ صحت تي گهٽ ڌيان ڏنو ۽ وسيلا استعمال نه ڪيا، شهرين جي آگاهي جي حوالي سان به سٺا نتيجا ناهن نڪتا، اسان کي گڏجي ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
You might also like