پاڪستان وومينز ٽيم جي نيوزيلينڊ خلاف هڪ ٻي فتح

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم ٽين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي، 3 ميچن جي سيريز نيوزيلينڊ جي ٽيم 1-2 تان کٽي ورتي.
قومي ٽيم ڪرائسٽ چرچ جي ميدان ۾ ميزبان ٽيم نيوزيلينڊ کي ساهه سڪائيندڙ مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ 3 رنسن تان شڪست ڏني.
ڪيوي ٽيم پهريان کيڏندي پاڪستان ٽيم کي 252 رنسن جو هدف ڏنو، جواب ۾ پاڪستان ٽيم به 251 رنسون ٺاهي ميچ ٽاءِ ڪري ڇڏي.
سپر اوور ۾ پاڪستان ٽيم پهريان کيڏندي 11 رنسون ٺاهيون ۽ ميزبان ٽيم رڳو 8 رنسون ٺاهي سگهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ قومي ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 1-2 تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.