شاهه رخ خان ”ڊنڪي“ کي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين فلم قرار ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي فلم ”ڊنڪي“ جي رليز جيئن جيئن ويجهو ايندي پئي وڃي ان جي مشهوري به زور وٺندي پئي وڃي.
دبئي جي ديرا سٽي سينٽر ۾ فلم جي مشهوري لاءِ وڏو ايونٽ رٿيو ويو جتي اداڪار جا سوين مداح موجود هئا ۽ اتي ڪنگ خان پنهنجي پرفارمنس به ڏني.
ان موقعي تي شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻي اداڪار جي ڪيريئر جي بهترين فلم ٺاهي آهي ۽ هيراڻي سر به اهڙي فلم اڳ ۾ ناهي ٺاهي.
شاهه رخ خان ٻڌايو ته جڏهن هن فلم کي مڪمل ڪري ان کي ڏٺو ته ائين لڳو ته ڄڻ راجو سر محبت جي هڪ ڪهاڻي بڻائي ڇڏي آهي جيڪا زمانن تي ٻڌل آهي.

اداڪار جو چوڻ هو ته راج ڪمار هيراڻي ٽريلر ۽ ٽيزر ذريعي پنهنجي فلم کي سامهون ناهي آڻيندو ۽ فلم ۾ اهڙا منظر اهن جيڪي دنگ ڪندڙ آهن.
ڊنڪي فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ تاپسي پنون، بومن ايراني، وڪي ڪوشل، وڪرم ڪوڇر ۽ انيل گروور جهڙا بهترين اداڪار شامل آهن.
فلم هڪ ڪاميڊي ڊراما آهي جنهن ۾ غير قانوني طور تي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن جي مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي ۽ ان کي 21 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.