پاڪستاني معيشت لاءِ سٺي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته نومبر 2023 ۾ ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو سرپلس رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ 90 لک ڊالر سرپلس ٿي ويو، آڪٽوبر ۾ ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ 18 ڪروڙ 40 لک ڊالر خساري ۾ هو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.16 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته گذريل مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ ملڪ ڪرنٽ اڪائونٽ 3.26 ارب ڊالر خساري ۾ هو.
ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته برآمدن ۾ واڌ ۽ درآمدن تي ڪنٽرول سان ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.