خيرپور (رپورٽ شاهد نواز سيال) ٻٻرلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھلڌاڻي ۾ جوابدار عدالت مان واپيس ايندڙ اڳوڻي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سندس ماءُ زخمي ٿي پئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ 22 ورهين جي پارس ڌيءُ عبدالحق پيرزادو قتل ٿي وئي جڏهن ته مقتولا جي ماءُ شبانه خاتون سخت زخمي ٿي پئي، جوابدار فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ سندس زخمي ماءُ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتڻ جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل عورت سال اڳ جوابدار عبدالشڪور پيرزادو کان طلاق ورتي هئي جنهن بعد هن پنهنجي معصوم پٽ جي خرچ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، حاضري تان واپس ايندي جوابدار مٿن حملو ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.