ملير لڳ زال کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد نوجوان زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي گلشن باغ يوسف جي رهواسي مشڪور پنهنجي نوجوان زال کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر  ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.جوابدار گهر جي ٻي ماڙ تان گيلري مان پوليس ۽ ٻاهر بيٺل عوام کي ميڊيا کي سڏڻ لاءِ چيو، سندس چوڻ هو ته ميڊيا آڏو بيان ڪندس. ان حوالي سان ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي صحافين کي ٻڌايو ته مشڪور نالي شخص پنهنجي گهر ۾ زال کي گوليون هڻڻ بعد گهر جي گيلري مان پوليس کي ميڊيا گهرائڻ لاءِ چيو ۽ ٿوري دير بعد گهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا، گولين جو آواز اچڻ بعد پوليس گهر ۾ داخل ٿي ته گيلري مان ڳالهائيندڙ شخص مشڪور ۽ سندس زال مرده حالت ۾ موجود هئا ۽ گهر جي اندر هڪ معصوم ٻارڙو جيڪو سندس پٽ هو محفوظ حالت ۾ هٿ آيو. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته لڳي ائين رهيو آهي ته نوجوان مشڪور پهريان پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ ميڊيا کي گهرائڻ لاءِ چيو، معاملي جي وڌيڪ رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن قتل ٿيل عورت ۽ خودڪشي جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.