ڳوٺ جي ڪائونسل اجلاس ۾ ڪائونسلر جو بمن سان حملو، 26 ڄڻا زخمي

ڪيف (ويب ڊيسڪ) هنگرين جي سرحد جي ويجهو يوڪرين جي اولهندي علائقي ۾ موجود ڳوٺ جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪائونسلر دستي بم سان حملو ڪري 26 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڪائونسل جي ميٽنگ جي ڪارروائي فيسبڪ تي سڌي ريت نشر ڪئي پئي وئي جتي ايندڙ سال جي بجيٽ ۽ هن سال جي مالي صورتحال تي بحث ڪيو پئي ويو.
اجلاس دوران ڪائونسل جي سربراهه کي بونس ڏيڻ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري هو ته ڪائونسلر اوچتو دستي بمن سان حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اجلاس جي ڪارروائي جڏهن 90 منٽن تي پهتي ته هڪ ڪائونسلر بجيٽ تي تنقيد ڪندي رڙيون ڪنديو اجلاس مان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ ساٿي کي به ٻاهر وٺي ويو،ڪجهه منٽن کانپوءِ هو واپس آيو ۽ هن هڪ هڪ ڪري دستي بم اڇلڻ شروع ڪري ڇڏيا.
پوليس موجب ڪائونسل تي دستي بمن سان حملي جي واقعي ۾ زخمي ٿيلن مان 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن ۾ پاڻ حملو ڪندڙ به شامل آهي.
يوڪريني پوليس پاران حملي جا سبب هيل تائين سامهون ناهن اچي سگھيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.