سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻه ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 1800 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 16 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 543 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 871 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر گهٽجڻ سان 2020 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.