کاڌو آن لائين گھرائڻ جي عادت،شهري سال ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو کاڌو گھرائي ورتو

گھر ۾ ڪجهه نه پڪل هجي ته يا پچائڻ تي دل نه چوي ته آن لائين کاڌو گھرائڻ عام آهي پر ڇا ڪو سوچي سگھي ٿو ته هڪ شخص سڄي سال ۾ هڪ ڪروڙرپين کان به وڌيڪ جو کاڌو به گھرائي سگھي ٿو؟
اهو واقعو ڀارت ۾ پيش آيو جتي ممبئي جي رهواسي هڪ سال ۾ آن لائين کاڌي تي غير معمولي خرچ ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ فوڊ ڊليوري سروس پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن جو مقصد ڀارت ۾ کاڌن جي رجحان ۽ ترجيحن کي ڄاڻڻ هو.
کاڌو ڊليور ڪندڙ سروس پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري حيران ٿي وئي، جنهن کان پوءِ رپورٽ بابت سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو پيو وڃي.
فوڊ ڊليوري سروس موجب ممبئي جي 1 واهپيدارن سڄي سال ۾ ڀارتي 42.3 لک رپين (يعني پاڪستاني 1 ڪروڙ 43 رپين کان وڌيڪ) جا کاڌا آرڊر ڪيا.
فوڊ ڊليوري سروس جي سالياني رپورٽ موجب کين سڀ کان وڌيڪ آرڊر برياني جا مليا جڏهن ته ڪيڪ، گلاب جامن ۽ پيزا جي ڊمانڊ به وڌيڪ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.